TOR استعمال ڪرڻ جا محفوظ طريقا


The Onion Router (TOR) برائوزر استعمال ڪرڻ دوران توھان جي ذاتي حفاظت کي وڌائڻ جا ڪيترائي طريقا آھن. TOR استعمال ڪرڻ کان علاوه اسان سفارش ڪريون ٿا ھڪ قابل اعتماد ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ (VPN) سروس استعمال ڪرڻ لاءِ توهان جي ويب ٽرئفڪ جي حفاظت کي وڌيڪ يقيني بنائڻ لاءِ. TOR استعمال ڪرڻ کان پهرين پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪنھن ٻي جڳهه جي سرورسان ڪنيڪٽ ٿيڻ سان توهان جي ويب ٽرئفڪ کي نگراني کان وڌيڪ محفوظ ٿيندو آھي. TOR برائوزر ۾ ڪيتريون ئي اضافي سيٽنگز موجود آھن جيڪي TOR جي اندر” سيفٽي ۽ سيڪيورٽي“ سيڪشن اندر تجويز ڪيل آھن. پهرين، پنهنجي VPN کي فعال ڪريو. ان کانپوءِ:

  1. TOR برائوزر لانچ ڪريو
  2. TOR سيٽنگز ۾ وڃو ۽ ” پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي“ کي منتخب ڪيو
  3. باڪس تي چيڪ لڳايو “ڪوڪيز ۽ سائيٽ ڊيٽا کي حذف ڪريو جڏھن TOR برائوزر بند ھجي”
  4. ھسٽري جي سيڪشن ۾ ھيٽ اچو: سيٽنگ کي تبديل ڪري ” ھسٽري کي ڪڏھن بہ محفوظ نہ ڪيو“ جي آپشن تي رکو
  5. پرميشن (اجازت نامو) جي سيڪشن ۾ ھيٽ اچو: ڪئميرا جي سيٽنگ ” توهان جي ڪئميرا تائين رسائي لاءِ پڇڻ واري نئين درخواستن کي بلاڪ ڪريو“ کي ٽڪ ڪيو. مائڪرو فون جي سيٽنگ لاءِ بہ ساگئي طرح ڪيو عمل ڪيو. اضافي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ لاءِ پنھنجي ڊوائيس جي سامهون واري ڪئميرا کي ٽيپ يا بلاڪر سان ڍڪيو.
  6. سيڪيورٽي جي آپشن تي ھيٽ اچو: “Safest” جي آپشن تي ٽڪ ڪيو، ھي TOR اندر ڪجھ فنڪشنز کي غير فعال ڪندو پر محفوظ ڪنيڪشن جي اجازت ڏيندو.
  7. HTTP-Only Mode جي آپشن تي اچو: – تمام ونڊوز ۾ Enable HTTPS-Only mode تي ڪلڪ ڪيو. اهو يقيني بڻائيندو ته توهان جا سڀئي ڪنيڪشن انڪوڊ ٿيل ۽ محفوظ آهن.
  8. پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي“ جي ھيٺيان “TOR” سيٽنگ ۾ وڃو
  9. “Use a bridge” جي آپشن تي ٽڪ ڪيو
  10. ”Request a bridge from torproject.org“ تي ڪلڪ ڪيو.
  11. ڪيپچا (Captcha) داخل ڪريو.
  12. https://coveryourtracks.eff.org ۽ https://ipleak.net چيڪ ڪيو اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪهڙي سڃاڻپ واري معلومات اڃا به موجود هجي جيڪا توهان جي ڪمپيوٽر ۽ ويب ٽرئفڪ کي منفرد طور تي فنگر پرنٽ ڪري سگهي.

TOR سان ڪنيڪٽ ٿيڻ لاءِ محفوظ طريقي ڪار ۽ روارڊ فار جسٽس TOR ٽپ لائن:

  1. خريد ڪيل قابل اعتماد VPN سروس جو استعمال ڪيو. مفت VPN سروس شايد هميشه محفوظ نه ھجي.
  2. هڪ قابل اعتماد VPN سروس استعمال ڪندي پنهنجي ڊوائيس کي ملڪ کان ٻاهر ڪنهن هنڌ سان ڪنيڪٽ ڪيو جتان توهان TOR تائين رسائي ڪري رهيا آهيو.
  3. TOR برائوزر کي لانچ ڪيو
  4. TOR سيڪيورٽي سيٽنگز سيٽ ڪيو جيئن توھان مناسب سمجھو ٿا.
  5. اضافي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ لاءِ فزيڪل پراکسي استعمال ڪريو جيئن ڪو ڪافي شاپ يا هوٽل جي لابي ته جيئن ڪنيڪشن توهان جي گهر جي جڳهه جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي.

TORسيفٽي ۽ سيڪيورٽي معلومات جي لاءِ لنڪس:

  1. TOR Bridges جي معلومات لاءِ: Visit External Link.
  2. TOR سيڪيورٽي جي معلومات لاءِ: https://tb-manual.torproject.org/security-settings/.

Skip to content