ابو سياف گروپ (اي ايس جي)

اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ

انعام

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ابو سياف گروپ (اي ايس جي) 1990ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ مورو لبريشن فرنٽ کان ڌار ٿيو ۽ اهو فلپائن ۾ سڀ کان پرتشدد گروپن مان هڪ آهي. شروع ۾ القاعدہ کان متاثر اي ايس جي فلپائين جي علائقن اولهه مندانائو ۽ سولو آرچپيلاگو ۾ آزاد اسلامي رياست جي قيام جي حمايت ڪئي. تازو ئي هن گروپ اسلام اسٽيٽ / داعش سان لاڳاپيل فلپائني داعش سان لاڳاپا قائم ڪري ورتا آهن. هن گروپ سڄي فلپائين ۾ بم حملن، قتل جي واقعن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا سميت دهشت واريون ڪارروايون ڪيون آهن.

8 آڪٽوبر 1997ع ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ايس جي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کانپوءِ 23 سيپٽمبر 2001ع تي اي ايس جي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 ۾ شامل ڪيو ويو. ان نامزدگي سبب ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ اي ايس جي سموري ملڪيت، ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ان گروپ سان ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوہ اي ايس جي ڄاڻي واڻي ڪنهن مواد جي فراهمي يا فراهمي جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ، وسيلن توڙي مواد جي فراهمي ڏوهه آهي.

Skip to content