هاڻي غير فعال ٿيل 15 مئي ارگنائزيشن دهشتگرد گروپ 1979ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن گروپ فلسطينين جي مسئلي کي اسرائيلي ۽ آمريڪي شهرين کي قتل ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ وسيلي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 15 مئي آرگنائزيشن ڪيترن ئي حملن جي ذميواري جي دعويٰ ڪئي جن ۾ پان- آمريڪي اڏام 830 تي بمباري به شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ 16 سالن جو هڪ مسافر مارجي ويو هو ۽ 16 ٻيا زخمي ٿي پيا هئا.
