1993 ورلڊ ٽريڊ سينٽر ٽرڪ بم ڌماڪا
RFJ پاڪستاني دهشتگرد رمزي احمد يوسف جي گرفتاري جي باري ۾ معلومات ڏيڻ لاءِ 2 ملين ڊالر جو انعام مقرر ڪيو.
يوسف فيبروري 1993 ۾ نيويارڪ سٽي ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ٽرڪ بم ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ هو جنهن ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ 1,000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، بم ڌماڪي جي ڪجھ ڪلاڪن جي اندر يوسف جهاز ذريعي پاڪستان فرار ٿي ويو.

يوسف فلپائن ۾ ٻيهر ظاهر ٿيو جتي هن هڪ پيچيده دهشتگرد سازش تيار ڪئي. يوسف 14 جنوري 1995 تي پوپ جان پال II جي فلپائن جي دوري جي دوران ان کي قتل ڪرڻ ۽ ان جي ڪجهه ڏينهن بعد ايشيا ۾ 12 آمريڪي جهازن کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو منصوبو ٺاھيو. مجموعي طور تي اھو منصوبو ”اوپلان بوجنڪا“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، هڪ اصطلاح، جنهن جو ترجمو عربي زبان ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ”آپريشن ايڪسپلوزيشن“ يا ”آپريشن بگ بينگ“.
ان کان پھرين جو اھي پنھنجي منصوبي تي عمل ڪري سگھن، يوسف ۽ ھن سان گڏجي سازش ڪندڙ عبدالحڪيم علي هاشم مراد کي 6 جنوري 1995 تي منيلا ۾ پنھنجي اپارٽمينٽ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا جڏھن ھڪڙي ڪيميائي مرکب جي ڪري دونھين جو بادل ٺھيو، جيڪو اپارٽمنٽ جي دري مان خارج ٿي رھيو ھو. يوسف مراد کي اپارٽمينٽ واپس وڃي ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ٻيا جرم بابت ٽبوت حاصل ڪرڻ لاءِ چيو. جڏھن يوسف اپارٽمينٽ واپس آيو، ھن جو مقابلو پوليس سان ٿيو جيڪا اڳ ۾ ئي واقعي واري ھنڌ پھچي چڪي ھئي. يوسف سمجھيو ته مراد ضرور پڪڙجي چڪو آھي، پوءِ ھي پاڪستان فرار ٿي ويو.
فيبروري 1995 تي هڪ مخبر هڪ ميچ بڪ تي RFJ جو اشتهار ڏسي ۽ انعام جي ادائيگي جي امڪان کان متاثر ٿي، اسلام آباد پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪيو ۽ يوسف جي مقام جي حوالي سان معلومات فراهم ڪئي.
7 فيبروري 1995 تي پاڪستاني اختيارين آمريڪي ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ ڊپلوميٽڪ سيڪيورٽي جي اسپيشل ايجنٽن جي مدد سان يوسف کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ۽ کيس آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته جيئن ھن تي دهشتگرديءَ جي الزامن تحت مقدمو ھلايو وڃي.
سيپٽمبر 1996 کان جنوري 1998 تائين يوسف کي ٽن الڳ الڳ مقدمن ۾ دهشتگرديءَ سان لاڳاپيل الزامن تي سزا ڏني وئي. 8 جنوري 1998 تي هڪ وفاقي جج کيس عمر قيد ۽ 240 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
هڪ ٽپ جمع ڪريو
محفوظ دنيا ۽ هڪ روشن مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنھنجي ذميواري ادا ڪريو. ريوارڊ فار جسٽس جي ٽپ رپورٽنگ جي آپشنز جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.
- اسان جي باري ۾
- يرغمالي/اغوا
- شمالي ڪوريا
- اليڪشن ۾ مداخلت
