ڪامياب اسٽوريز

احمد ابو ختالا (مجرم قرار ڏنل)

2012ع ۾ آمريڪي سفير سميت چار آمريڪن جو قتل، بن غازي، لبيا ۾

RFJ هڪ شخص کي 3 ملين ڊالر انعام ڏنو جنهن معلومات فراهم ڪئي جيڪا دهشتگرد اڳواڻ احمد ابو ختالا جي گرفتاري ۽ سزا جو سبب بڻي، ھي 2012 ع ۾ بن غازي ليبيا ۾ آمريڪي اسپيشل مشن تي حملي جو ماسٽر مائينڊ هو، جنهن ۾ هڪ آمريڪي سفير سميت چار آمريڪي مارجي ويا هئا.

ذريعن پاران مهيا ڪيل معلومات کي استعمال ڪندي ختالا کي 15 جون 2014 ع تي ليبيا ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽آمريڪا آندو ويو ھن تي مقدمو ھلائڻ لاءِ. 28 نومبر 2017 تي هن کي حملي سان لاڳاپيل الزامن ۾ مجرم قرار ڏنو ويو ۽ 27 جون 2018 تي هن کي 22 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. بن غازي حملي جي ٻين ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ RFJ معلومات ڏيڻ لاءِ 10 ملين ڊالر تائين انعام جي رقم مقرر ڪئي آھي.

Skip to content