ريوارڊز فار جسٽس 2017ع جي نائيجر حملي بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام آڇ ڪري ٿو.
4 آڪٽوبر 2017ع تي نائيجر ۾ ٽونگو ٽونگو جي ڳوٺ ڀرسان آءِ ايس آءِ ايس گريٽر صحاره/ داعش گريٽر صحاره سان لاڳاپيل ويڙهاڪن دهشتگردي خلاف ويڙهه ڪندڙ نائيجر جي فورسز کي سکيا، صلاح ۽ مدد فراهم ڪندڙ آمريڪا جي اسپيشل فورسز جي ٽيم تي حملو ڪيو. هن حملي جي نتيجي ۾ 4 آمريڪي ۽ نائيجر جا 4 اهلڪار مارجي ويا. هن مقابلي ۾ ان کان علاوه وڌيڪ 2 آمريڪي ۽ نائيجرين زخمي ٿي پيا. 12 جنوري 2018ع تي آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس جي اڳواڻ عدنان ابو وليد الصحاروي هن حملي جي ذميواري قبول ڪئي.

