2008ع جا ممبئي حملا

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس 2008ع ۾ ٿيل ممبئي حملن بابت معلومات ڏيڻ تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو. 26 نومبر کان 29 نومبر 2008ع تائين جاري رهندڙ ان ڪارروائي ۾ لشڪر طيبه (ايل اي ٽي) جيڪا آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ٿيل آهي، جي سکيا ورتل 10 جوابدارن ڀارت جي شهر ممبئي جي ڪيترن ئي هدفن کي منظم دهشتگرد حملن وسيلي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 166 ماڻهو مارجي ويا. ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ محاصري ۾ 6 آمريڪي شهري پڻ مارجي ويا جن ۾ بين زيون ڪرومين، گيوريل هولٽزبرگ، سنديپ جيسواڻي، ايلن شير، نومي شير ۽ آريه ليبش ٽيٽلبام شامل آهن. هن ڪڌي ڪارروائي جا مک جوابدار اڃا تائين مفرور آهن ۽ جاچ جو عمل جاري آهي.

ڊيوڊ ڪولمين هيڊلي ۽ طهور رانا تي آمريڪا جي وفاقي عدالت ۾ لشڪر طيبه جي دهشتگرداڻي ڪارروائي جي مدد ڪرڻ تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. مارچ 2010ع ۾ آمريڪي شهري هيڊلي کي آڪٽوبر 2009ع ۾ سندس گرفتاري کانپوءِ مٿس مڙهيل 12 الزامن ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو. جنوري 2013ع ۾ هيڊلي کي ممبئي حملن جي منصوبابندي ۾ ڪردار ۽ ڊينمارڪ ۾ هڪ اخبار تي رٿيل حملي جي وفاقي دهشتگردي جي ڏوهه ۾ 35 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. رانا جيڪو ڪئنيڊا جو شهري ۽ هيڊلي جو پراڻو دوست آهي، ڊينمارڪ جي دهشتگردي واري منصوبي لاءِ مادي مدد جي فراهمي جي سازش ۽ لشڪر طيبه کي مادي مدد جي فراهمي جي الزامن هيٺ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

آمريڪا جي وفاقي عدالت ۾ هيٺين شڪي جوابدارن تي پڻ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي:

  • ساجد مير (هائپرلنڪ)، نومبر 2008ع جي حملن جو پراجيڪٽ مئنيجر، حملن جي منصوبابندي، تياري ۽ عملدرآمد جون هدايتون ڏنيون،
  • ميجر اقبال، پاڪستان جو رهواسي، جنهن لشڪر طيبه جي حملن جي منصوبابندي ۽ فنڊنگ ۾ حصو ورتو،
  • ابو قحافه، پاڪستان جو رهواسي ۽ لشڪر طيبه جو ساٿي آهي، جنهن ٻين کي ويڙهه جي ٽيڪنڪس بابت سکيا ڏني جيڪي دهشتگرد حملن ۾ استعمال ڪيون ويون،
  • مظهر اقبال، جنهن کي ابو القامه جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، پاڪستان جو رهواسي ۽ لشڪر طيبه جو ڪمانڊر آهي.
Skip to content