ريوارڊز فار جسٽس معلم ايمن ۽ ٻئي ڪنهن به فرد جيڪو 5 جنوري 2020ع تي ڪينيا جي مينڊا بي ايئر فيلڊ تي حملي جو ذميوار آهي، بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو. مينڊا بي ڪينا جي دفاعي فورسز جو فوجي اڏو آهي جنهن کي آمريڪي هٿياربند فوج اوڀر آفريڪي ڀائيوارن کي سکيا ڏيڻ ۽ دهشتگردي خلاف مدد فراهم ڪرڻ، بحرانن جو جواب ڏيڻ ۽ علائقي ۾ امريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ استعمال ڪندي آهي.
صبح کان اڳ واري وقت ۾ الشباب جي ويڙهاڪن فوجي جي اڏي اندر ڪينيائي ۽ آمريڪي پوزيشنن تي مارٽرن سان حملا شروع ڪيا ۽ ساڳئي وقت ڀرواري مينڊا ايئر فيلڊ تي راڪيٽن وسيلي هلندڙ گرنيڊن (آر پي جيز) ۽ ننڍن هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. ٻه ڊي او ڊي ڪانٽريڪٽر پائليٽ، ٻئي آمريڪي شهري، ان وقت مارجي ويا جڏهن سندن فوجي جهاز ايئر فيلڊ جي روڊ تي راڪيٽ وسيلي فائر ٿيندڙ گرنيڊن جو نشانو بڻيو. ٽيون ڊي او ڊي ڪانٽريڪٽر، جيڪو پڻ آمريڪي شهري آهي، ڌماڪي ۾ شديد زخمي ٿي پيو. هڪ آمريڪي فوجي اسپيشلسٽ، جيڪو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر طور ڪم ڪري رهيو هو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران حياتي وڃائي ويٺو، ۽ ٻيا ٻه آمريڪي فوجي پڻ زخمي ٿي پيا.
بعد ۾ الشباب جي سرڪاري خابرو ايجنسي شهاَده طرفان جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ گروپ جي ترجمان حملي جي ذميواري قبول ڪئي.
معلم ايمن، ڪينيا ۽ صوماليا ۾ دهشتگرداڻا حملا ۽ ڪارروايون ڪندڙ الشباب جي يونٽ جيش ايمن جو اڳواڻ، جنوري 2020ع جي حملي جي تياري جو ذميوار هو. نومبر 2020ع ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر (اِي. او) 13224 تحت ايمن کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو.
الشباب- اوڀر آفريقا ۾ القاعده سان لاڳاپيل اهم تنظيم- ڪينيا، صوماليا ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ ڪيترن ئي دهشتگرداڻي حملن جي ذميوار آهي جن ۾ آمريڪي شهرين سميت هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزارت مارچ 2008ع ۾ الشباب کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) ۽ خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو. اپريل 2010ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صوماليا بابت پابندي واري ڪميٽي پڻ ٺهراءُ 1844(2008ع) جي پيراگراف 8 مطابق نامزد ڪيو.
