ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي)

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر | يورپ ۽ يوريشيا

انعام

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) هڪ ڪرد عليحدگي پسند گروپ آهي جيڪو گهڻو ڪري اتر عراق ۽ ڏکڻ اوڀر ترڪي ۾ سرگرم آهي. اڪثر ترڪ ڪردن تي ٻڌل گروپ 1984ع ۾ تشدد واري مهم شروع ڪئي. پي ڪي ڪي جو اصل مقصد ڏکڻ اوڀر ترڪي ۾ آزاد ڪرد رياست قائم هو. 1990ع جي ڏهاڪي جي شرع ۾ پي ڪي ڪي شهري علائقن ۾ دهشتگردي ڪرڻ لاءِ ٻهراڙين جي باغي سرگرمين مان ٻاهر نڪري آيو.

پي ڪي ڪي 1999ع کان 2004ع تائين ان وقت تائين تشدد کان پاسو ڪيو جيستائين سندس سخت گير ويڙهاڪ گروپ پاڻمرادو مڙهيل جنگبندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 2009ع ۾ ترڪ حڪومت ۽ پي ڪي ڪي امن ڳالهيون شروع ڪيون پر ان وقت ڳالهيون ٽٽي ويون جڏهن پي ڪي ڪي جولاءِ 2011ع ۾ هڪ حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ترڪ اهلڪار مارجي ويا. پي ڪي ڪي ۽ ترڪ فورسز جي وچ ۾ 2011ع ۽ 2012ع دوران ڪيتريون ئي چڪريون ٿيون جنهن ۾ آڪٽوبر 2011ع جو حملو به شامل آهي جنهن ۾ 24 ترڪ فوجي مارجي ويا جيڪو 1993ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ حملو هو. 2018ع ۾ پي ڪي ڪي جا ڪيترائي حملا ترڪ سيڪيورٽي فورسز خلاف هئا، جنهن ۾ نومبر ۾ ترڪ آرمي اڏي تي حملو به شامل آهي جنهن ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو، ان حملي جي ذميواري پي ڪي ڪي قبول ڪئي.

8 آڪٽوبر 1997ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت پي ڪي ڪي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کانپوءِ 31 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق پي ڪي ڪي کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ پي ڪي ڪي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي پي ڪي ڪي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. پي ڪي ڪي کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content