ريوارڊز فار جسٽس ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل بابت معلومات جي فراهمي لاءِ 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو. وال اسٽريٽ جرنل جي ڏکڻ ايشيا جي بيورو چيف پرل کي 23 جنوري 2002ع تي پاڪستان جي شهر ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو هو. فيبروري 2002ع ۾ هڪ وڊيو انٽرنيٽ تي پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ سندس قتل کي ڏيکاريو ويو هو. پرل جي باقيات مئي 2002ع ۾ هٿ ڪري واپس آمريڪا اماڻي وئي.
جون 2002ع ۾ احمد عمر سعيد شيخ تي يرغمال بڻائڻ، يرغمال بڻائڻ جي سازش ڪرڻ جنهن جو نتيجو پرل جي قتل جي صورت ۾ نڪتو، ان کان علاوه 1994ع ۾ ڀارت ۾ هڪ ٻئي آمريڪي شهري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آمريڪا ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. 15 جولاءِ 2002ع تي شيخ ۽ ٽن ٻين ملزمن کي سزا ٻڌائي وئي جن مان شيخ کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.
جنوري 2021ع ۾ پاڪستاني سپريم ڪورٽ پرل جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث ماڻهن کي بري ڪري ڇڏيو. آمريڪا شيخ کي جوابده بڻائڻ تي ماضي ۾ پاڪستاني اپائن کي تسليم ڪري ٿو ۽ نوٽ ڪري ٿو ته شيخ پاڪستاني قانون تحت نظربند ٿيل آهي. اميد آهي ته پاڪستاني حڪومت انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني آپشنز تي غور ڪندي. آمريڪا هڪ آمريڪي شهري خلاف خوفناڪ ڏوهه ڪرڻ تي شيخ خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ به تيار آهي.

