ريوارڊز فار جسٽس پيٽر ڪلبرن جي اغوا ۽ قتل بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ڪلبرن بيروت جي آمريڪي يونيورسٽي ۾ لائبريرين هو. 3 ڊسمبر 1984ع تي سندس لاپته ٿيڻ جو اطلاع مليو. 16 مهينن کانپوءِ ٻين ٻن يرغمالين سان گڏ سندس لاش هٿ آيو. متاثرن کي گوليون هڻي بيروت جي اوڀر ۾ جبلن ۾ اڇلايو ويو. ڪلبرن انهن 100 متاثرن ۾ شامل هو، جن ۾ گهڻائي اولهه جي شهرين جي هئي ۽ جن کي ڏهاڪي تائين هلندڙ لبنان جي يرغمالين واري بحران دوران حزب الله ۽ حزب الله سان لاڳاپيل دهشتگردن اغوا ڪري يرغمال بڻايو.
