پان آمريڪي اڏام 73 جي هائجيڪنگ

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس پان آمريڪي اڏام 73 جي هائجيڪنگ بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 5 سيپٽمبر 1986ع تي دهشتگرد گروپ ابو ندال تنظيم جي شڪي ميمبرن پان آمريڪي اڏام 73 کي ان وقت هائيجيڪ ڪري ورتو جڏهن اها ڪراچي پاڪستان ۾ بيٺل هئي، جهاز تي 379 ماڻهو موجود هئا. مسافرن ۽ عملي کي لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائڻ کانپوءِ هائجيڪرن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آمريڪين سميت 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

هائجيڪنگ ۾ حصو وٺندڙ 5 دهشتگردن کي پاڪستان ۾ گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايو ويو ۽ کين قيد جي سزا ڏني وئي. چيو پيو وڃي ته جن 5 ماڻهن کي سزا ڏني وئي هئي انهن مان چئن کي جنوري 2008ع ۾ حراست مان آزاد ڪيو ويو ۽ اهي مفرور آهن. انهن مان هر هڪ تي آمريڪا جي فيڊرل گرينڊ جيوري فرد جرم لاڳو ڪئي ۽ اهي ايف بي آءِ سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهن. ريوارڊز فار جسٽس هيٺ ڏنل هر ماڻهو بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو:

ودود محمد حافظ الترڪي جمال سعيد عبدالرحيم محمد عبدالله خليل حسين الرحيال محمد احمد المنور

Skip to content