ريوارڊز فار جسٽس پان آمريڪي اڏام 103 تي بم حملي بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 21 ڊسمبر 1988ع تي پان آمريڪي اڏام 103، هڪ بوئنگ 747 هوائي جهاز لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ کان جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ نيويارڪ ويندي اڏام دوران لاڪربي اسڪاٽلينڊ مٿان ان وقت تباهه ٿي ويو جڏهن سامان ۾ لڪايل ڌماڪيدار مادو ڦاٽي پيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 190 آمريڪي شهرين سميت 259 مسافر ۽ عملي جا ماڻهو مارجي ويا، ان کان علاوه زمين تي موجود 11 ڄڻا پڻ حياتيون وڃائي ويٺا. حملي جي رٿابندي ۽ ان تي عملدرآمد ليبيائي انٽيليجنس جي ڪارندن ڪيو، اهو حملو 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملي کان اڳ آمريڪين تي سڀ کان وڏو دهشتگرداڻو حملو هو. اهو برطانيا جي تاريخ جو سب کان موتمار دهشتگرداڻو حملو آهي.

تباهي کان ترت پوءِ اسڪاٽش ۽ آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙن گڏيل جاچ ڪئي. نومبر 1991ع ۾ اختيارين آمريڪا ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ ليبيا جي انٽيليجنس ڪارندن عبدالباسط علي الميغراهي ۽ لامين خليفا فهيمه خلاف ڏوهن جا الزام درج ڪيا.
31 جنوري 2001ع تي الميغراهي کي سمورن الزامن هيٺ سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته فهيمه کي بري ڪيو ويو. الميغراهي کي جنم ٽيپ جي لازمي سزا ڏني وئي. آگسٽ 2009ع ۾ موتمار ڪينسر جي سڃاڻپ ٿيڻ تي کيس همدردي جي بنياد تي جيل مان آزاد ڪيو ويو الميغراهي مئي 2012ع ۾ ليبيا ۾ پنهنجي گهر ۾ فوت ٿي ويو.
21 ڊسمبر 2020ع تي آمريڪا جي انصاف واري کاتي ليبيا جي اڳوڻي انٽيليجنس ڪارندي ابو اجيلا مسعود خير المريمي خلاف بم حملي ۾ ڪردار سبب نون الزامن جو اعلان ڪيو.
