ٽي ڊبليو اي اڏام 847 جي هائجيڪنگ

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر | يورپ ۽ يوريشيا

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس 1985ع تي ٽي ڊبليو اي اڏام 847 جي هائجيڪنگ بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 14 جون 1985ع تي دهشتگردن اٿينز کان روم ويندڙ ٽي ڊبليو اي جي اڏام 847 کي اغوا ڪري ورتو. 17 ڏينهن تائين 153 مسافرن ۽ عملي جي ماڻهن سميت جهاز کي رومي سمنڊ مٿان هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، جهاز بيروت مان الجزيره ويو جتان وري واپس آيو، جهاز 3 ڀيرا بيروت ۾ لينڊنگ ڪئي. پهريون ڀيرو بيروت ۾ اسٽاپ ڪرڻ دوران هائجيڪرن آمريڪي نيوي جي ٽوٻي رابرٽ اسٽيٽيم کي شديد تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

14 نومبر 1985ع تي آمريڪا جي هڪ وفاقي گرينڊ جيوري علي عطوه، محمد علي حمادي ۽ حسن عزالدين تي هائجيڪنگ ۾ ڪردار سبب فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي. ريوارڊز فار جسٽس هر هڪ عطوه، حمادي ۽ عزالدين بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو.

Skip to content