ريوارڊز فار جسٽس وليم بڪلي جي اغوا ۽ قتل بابت 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. بڪلي لبنان ۾ سي آءِ اي جو اسٽيشن چيف هو، هن ان عهدي تي 1983ع ۾ بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيل بم حملي کانپوءِ رضاڪاراڻي نموني ڪم ڪيو، بم حملي ۾ 17 آمريڪي شهرين سميت 63 ڄڻا مارجي ويا هئا. 16 مارچ 1984ع تي بڪلي بيروت ۾ پنهنجي ڪم تي ويندي اغوا ٿي ويو. بڪلي کي 3 جون 1985ع تي قيد ۾ فوت ٿيڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻائي کائنس پڇاڳاڇا ڪئي وئي. بڪلي انهن 100 متاثرن ۾ شامل هو، جن ۾ گهڻائي اولهه جي شهرين جي هئي ۽ جن کي ڏهاڪي تائين هلندڙ لبنان جي يرغمالين واري بحران دوران حزب الله ۽ حزب الله سان لاڳاپيل دهشتگردن اغوا ڪري يرغمال بڻايو.
