ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگان تي حملو (9/11)

ڌرتي جي مغربي حصو

انعام

تي 25 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس 11 سيپٽمبر 2001ع تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگان تي ٿيل حملن بابت معلومات جي فراهمي تي 25 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. القاعده (اي ڪيو) سان لاڳاپيل 19 دهشتگردن اوڀر آمريڪا جي ٽن مختلف هوائي اڏن تان ڪئليفورنيا ويندڙ 4 مسافر جهازن کي اغوا ڪيو. دهشتگردن ٻن جهازن کي نيويارڪ شهر جي ورلڊ ٽاور سينٽر جي مک ٽاورن ۽ ٽئين جهاز کي ايلنگٽن ورجينيا ۾ پينٽاگان جي اولهندي پاسي سان ٽڪرائي تباهه ڪري ڇڏيو. چوٿون جهاز مسافرن طرفان هائجيڪرن کي سوگهو ڪرڻ جي ڪوشش دوران پينسلوانيا جي علائقي شينڪسوائيل ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. مجموعي طور تي انهن حملن جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان تعلق رکندڙ 3000 جي لڳ ڀڳ شهري مارجي ويا. انهن حملن کانپوءِ القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جيڪو هاڻي فوت ٿي چڪو آهي، هڪ وڊيو بيان ۾ انهن حملن جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي ذميواري قبول ڪئي.

پهريان 2 هوائي جهاز جيڪي بوسٽن لوگان جي بين الاقوامي هوائي اڏي تان روانا ٿيا، انهن کي اغوا ڪري نيويارڪ شهر جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي مک ٽاورن سان ٽڪرائي تباهه ڪيو ويو. جهازن جي ٽڪرائجڻ ۽ جهازن جي ٻارڻ سبب لڳل باهه جي نتيجي ۾ ٽاور جي ڍانچي کي ايترو نقصان پهتو جو اهو ڊهي پيو. انهن ٽاورز تي حملي جي نتيجي ۾ 2600 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.

ٽيون هوائي جهاز جيڪو واشنگٽن جي ڊيولس بين الاقوامي هوائي اڏي تان روانو ٿيو، ان کي اغوا ڪري ورلڊ ٽريڊ سينٽر سان ٻيو جهاز ٽڪرائجڻ کان رڳو اڌ ڪلاڪ پوءِ پينٽاگان جي ڏکڻ اولهه واري پاسي کان ٽڪرايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ جهاز تي موجود سمورا مسافر ۽ عمارت اندر موجود 125 ڄڻا مارجي ويا ۽ عمارت جي ڍانچي کي شديد نقصان رسيو.

چوٿون هوائي جهاز نيوآرڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ٿيو جنهن جي امڪاني منزل يو ايس ڪئپيٽل يا وائيٽ هائوس جي عمارت هئي. جهاز تي موجود مسافرن جهاز تي ڪنٽرول لاءِ دهشتگردن سان ويڙهه ڪئي. انهن شهرين جي بهادري سبب دهشتگرد پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيا ۽ جهاز شينڪسوائل پيننسلوانيا ۾ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ موجود 40 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا.

اهي حملا 1941ع کانپوءِ پرل هاربر تي ٿيل حملي کانپوءِ ڪنهن به ٻاهرين طاقت طرفان آمريڪا تي ٿيل سڀ کان وڌيڪ تباهي وارا حملا هئا.

Skip to content