ميرين ڪور جي بيرڪن تي بم حملو

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس 1983ع ۾ بيروت لبنان ۾ آمريڪا جي ميرين ڪور جي بيرڪن تي بم حملي بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 23 آڪٽوبر 1983ع تي لبنان ۾ بيروت جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي هڪ ٽرڪ بم گهڻ قومي فورس ۾ شامل آمريڪي ۽ فرانسيسي اهلڪارن جي هائوسنگ ڪمپائونڊ ۾ ڦاٽي پيو. گهڻ ملڪي فورس لبنان ۾ امن امان جي بحالي جي عالمي ڪوششن جي سلسلي ۾ موجود هئي. حملي جي نتيجي ۾ 241 آمريڪي فوجي اهلڪار مارجي ويا ۽ 128 زخمي ٿي پيا. ان ئي ڏينهن بعد ۾ ساڳئي قسم جي حملي ۾ 58 فرانسيسي اهلڪار مارجي ويا. چيو پيو وڃي ته حزب الله انهن حملن جي منصوبابندي ڪئي جيڪا ايران جي مدد ۽ فنڊنگ سان ڪم ڪري رهي آهي.

Skip to content