محمد ڪوثراني

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس محمد ڪوثراني جنهن کي جعفر ڪوثراني جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، جي سرگرمين، نيٽ ورڪس ۽ ساٿين بابت معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ڪوثراني عراق ۾ موجود حزب الله جي فورسز جو سينيئر اڳواڻ آهي. ڪوثراني ايران ڏانهن لاڙو رکندڙ ڪجهه عراقي پيراملٽري گروپس جو سياسي انتظام سنڀاليو جن کي اڳ اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور جو جنرل قاسم سليماني سنڀاليندو هو جيڪو هاڻي مارجي چڪو آٰهي.

ڪوثراني عراقي حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪم ڪندڙ گروپن کي سهولت فراهم ڪري ٿو جن پرتشدد نموني احتجاجن کي دٻايو آهي، پرڏيهي سفارتي مشنز تي حملو ڪيو آهي ۽ وسيع پيماني تي منظم ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن. حزب الله جي سياسي ڪائونسل جو ميمبر هجڻ سبب ڪوثراني عراق جي شيعا باغي گروپن کي حزب الله طرفان سکيا، مالياتي، سياسي ۽ لاجسٽڪ مدد جر فراهمي جي ڪوششن کي هٿي ڌني آهي. ڪوثراني اسد حڪومت جي حمايت لاءِ شام ويندڙ شدت پسندن جي پڻ مدد ڪئي آهي.

22 آگسٽ 2013ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي ڪوثراني کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪوثراني جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ڪوثراني سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد ٿيل حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content