ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. محمد قاسم البزال جنهن کي محمد بزال ۽ معين جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو، حزب الله جو هڪ اهم عهديدار آهي جنهن جي ذميوارين ۾ حزب الله ۽اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور- قدس فورس (آءِ آر جي سي- ڪيو ايف) جي وچ ۾ مالي معاملن کي متوازن رکڻ شامل آهي.
البزال شام جي فرنٽ ڪمپني تلقي گروپ جو شريڪ باني آهي ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ٻين ادارن جي به نگراني ڪري ٿو، جيئن هوڪول ايس اي ايل آفشور ۽ نغم الحيات. تلقي گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين هجڻ سبب البزال ڪمپني جي مالي معاملن، طريقيڪار، انتظام ۽ معاهدن جي نگراني ڪري ٿو. 2018ع جي آخر کان البزال تلقي گروپ ۽ پنهنجي ٻين ڪمپنين کي آءِ آر جي سي- ڪيو ايف سا لاڳاپيل تيل جي مختلف غيرقانوني جي مالي مدد، منظم ڪرڻ ۽ انهن کي لڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. البزال ايران کي المونيم جي کيپن جي فراهمي لاءِ تلقي گروپ جي لبنان جي ”اليومڪس“ سان ڀائيواري جي پڻ نگراني ڪئي آهي.
20 نومبر 2018ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي البزال کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ البزال جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي البزال سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد ٿيل حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي. 4 سيپٽمبر 2019ع ناڻي واري کاتي البزال جي ملڪيت يا ڪنٽرول واري هوڪول ايس اي ايل آفشور، تلقي گروپ، نغم الحيات ۽ اليومڪس کي پڻ نامزد ڪيو.
