محمد عبدالله خليل حسين الرحيال

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس محمد عبدالله خليل حسين الرحيال بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن کي خليل انتوان ايوان ۽ خليل عليد جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو. الرحيال جيڪو دهشتگرد گروپ ابو ندال تنظيم جو مبينه ميمبر آهي، 5 سيپٽمبر 1986ع تي ڪراچي پاڪستان ۾ پان آمريڪي اڏام 73 جي هائجيڪنگ ۾ ڪردار سبب گهربل آهي. 379 مسافرن ۽ عملي کي 16 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائڻ کانپوءِ هائجيڪرن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آمريڪين سميت 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

هائجيڪنگ ۾ ڪردار سبب آمريڪا جي فيڊرل گرينڊ جيوري الرحيال تي فرد جرم لاڳو ڪئي ۽ هو ايف بي آءِ جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي. الرحيال امڪاني طور تي وچ اوڀر ۾ رهي پيو.

Skip to content