ريوارڊز فار جسٽس 1982ع کان 1992ع تائين لبنان ۾ آمريڪي شهرين جي اغوا ۽ قتل جي واقعن بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ان مدي دوران حزب الله ۽ حزب الله سان لاڳاپيل دهشتگردن 100 جي لڳ ڀڳ پرڏيهي شهرين کي اغوا ڪري يرغمال بڻائي ورتو جن ۾ اڪثريت اولهه جي شهرين جي هئي. اغوا ٿيلن مان آمريڪي شهرين وليم بڪلي، پيٽر ڪلبرن ۽ وليم هگنس کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو.

وليم بڪلي لبنان ۾ سي آءِ اي جو اسٽيشن چيف هو، هن ان عهدي تي 1983ع ۾ بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيل بم حملي کانپوءِ رضاڪاراڻي نموني ڪم ڪيو، بم حملي ۾ 17 آمريڪي شهرين سميت 63 ڄڻا مارجي ويا هئا. 16 مارچ 1984ع تي بڪلي بيروت ۾ پنهنجي ڪم تي ويندي اغوا ٿي ويو. بڪلي کي 3 جون 1985ع تي قيد ۾ فوت ٿيڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻائي کائنس پڇاڳاڇا ڪئي وئي.
پيٽر ڪلبرن بيروت جي آمريڪي يونيورسٽي ۾ لائبريرين هو. 3 ڊسمبر 1984ع تي سندس لاپته ٿيڻ جو اطلاع مليو. 16 مهينن کانپوءِ ٻين ٻن يرغمالين سان گڏ سندس لاش هٿ آيو. متاثرن کي گوليون هڻي بيروت جي اوڀر ۾ جبلن ۾ اڇلايو ويو.
آمريڪا جي ميرين ڪور جو ڪرنل وليم هگنس ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جو حصو هو جتي کيس 17 فيبروري 1988ع تي اغوا ڪيو ويو. اغوا ڪندڙن کيس قتل ڪرڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي.
