ريوارڊز فار جسٽس علي محمد ريج بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ريج آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل الشباب جو اهم اڳواڻ ۽ مک ترجمان آهي. ريج ڪينيا ۽ صوماليا ۾ گروپ جي دهشتگرداڻي حملن جي منصوبابندي ۾ ملوث رهيو آهي. هو مئي 2009ع ۾الشباب جو مک ترجمان بڻيو. 6 آگسٽ 2021ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت کيس ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر (اِي او) 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو.
