علي سيد محمد مصطفيٰ البڪري

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

Up to $5 million

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس علي سيد محمد مصطفيٰ البڪري جنهن کي عبدالعزيز المصري جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. البڪري القاعده (اي ڪيو) جي فيصلي ساز اداري شوريٰ ڪائونسل جو هڪ ميمبر آهي ۽ اي ڪيو جي اڳواڻ سيف العدل جو ويجهو ساٿي پڻ آهي. البڪري ڌماڪيدار مادي ۽ ڪيميائي هٿيارن جو ماهر آهي.

اي ڪيو ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ البڪري الظواهري جي هدايتن تحت ڪم ڪندڙ دهشتگرد گروپ مصر جي اسلامي جهاد جو ميمبر هو. هن افغانستان ۾ القاعده جي ڪيمپن ۾ ڀرتي ٿيندڙن کي ڌماڪيدار مادي ۽ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال بابت سکيا ڏيڻ لاءِ انسٽرڪٽر طور ڪم ڪيو. البڪري ڊسمبر 2000ع ۾ پاڪستاني مسافر هوائي جهاز کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ممڪن آهي ته هو القاعده جي دهشتگردن ۽ ٻين انتهاپسندن کي تربيت جو سلسلو جاري رکندو پيو اچي.

البڪري پنهنجي خاندان سميت ايران ۾ ترسيل آهي.

3 آڪٽوبر 2005ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي البڪري کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ البڪري جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي البڪري سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم القاعده کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content