عثمان الياسو دجيبو

آفريڪا - سب صحارا

انعام

Up to $5 million

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس 2017ع ۾ ٽونگو ٽونگو نائيجر ۾ ٿيل حملي ۾ شرڪت سبب عثمان الياسو دجيبو جنهن کي پيٽٽ چپوري ۽ خالد فولاني جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو، بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو.

دجيبو اسلامڪ اسٽيٽ آَف عراق اينڊ سيريا ان دي گريٽر صحاره (آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس) جو اڳواڻ آهي جيڪو مالي جي ميناڪا علائقي ۾ ڪم ڪري ٿو. دجيبو آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس جي فوتي اڳواڻ عدنان ابو وليد الصحاراوي (ابو وليد) جو ويجهو صلاحڪار ۽ ساٿي هو. دجيبو نائيجر ۽ ڀرپاسي جي ملڪن ۾ اولهه جي شهرين کي اغوا ڪرڻ يا انهن تي حملي لاءِ آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس جي ميمبرن کي نيٽ ورڪ جوڙڻ جي هدايت ڪئي. دجيبو مقامي فورسز تي ڪيترن ئي حملن ۾ پڻ حصو ورتو آهي. هن پهرين جولاءِ 2019ع تي تلابيري نائيجر جي علائقي انيٽس ۾ موجود نائيجر جي هٿياربند فورسز جي اڏي تي حملي ۾ آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس جي ويڙهاڪن جي اڳواڻي ڪئي. هن آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس جي ويڙهاڪن کي 14 مئي 2019ع تي ٽونگو ٽونگو ڀرسان نائيجر جي اهلڪارن تي حملي دوران نائيجر جي 6 سپاهين کي يرغمال بڻائڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

4 آڪٽوبر 2017ع تي نائيجر جي ڳوٺ ٽونگو ٽونگو ڀرسان آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس سان لاڳاپيل ويڙهاڪن دهشتگردي خلاف وڙهندڙ نائيجر جي فورسز کي سکيا، صلاح مشوري ۽ مدد تي مقرر آمريڪا جي اسپيشل فورسز جي ٽيم تي حملو ڪيو. ان حملي جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ نائيجر جا 4، 4 سپاهي مارجي ويا هئا. هن حملي ۾ وڌيڪ ٻه آمريڪي ۽ 8 نائيجيرين زخمي ٿي پيا هئا. 12 جنوري 2018ع تي آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس جي اڳواڻ عدنان ابو وليد الصحاراوي ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي.

28 جون 2021ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت دجيبو کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ دجيبو جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي دجيبو سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم آءِ ايس آءِ ايس- جي ايس کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content