عبد الصبور

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا

انعام

تي 3 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس عبدالصبور بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 3 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. صبور حزب اسلامي گلبدين (ايڇ آءِ جي) سان لاڳايپل ڌماڪيدار مادي جو ماهر آهي. هو 16 مئي 2013ع تي افغانستان جي شهر ڪابل ۾ گاڏي وسيلي ٿيل آپگهاتي بم حملي جو ذميوار آهي. حملي جي نتيجي ۾ 2 آمريڪي فوجي ۽ 4 آمريڪي ڪانٽريڪٽرز مارجي ويا هئا. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 افغان شهري پڻ مارجي ويا هئا جن ۾ 2 ٻار به شامل آهن، وڌيڪ 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ آمريڪا جي بڪتربند گاڏي تباهه ٿي وئي.

صبور ۽ حزب اسلامي گلبدين جي ڌماڪيدار مادي جي ماهر عبدالله نوبهار جو 18 سيپٽمبر 2012ع تي افغانستان ۾ ڪابل جي بين الاقوامي هوائي اڏي جي ملازمن جي بس تي ٿيل گاڏي وسيلي ٿيل آپگهاتي بم حملي ۾ اهم ڪردار هو. جنهن ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا هئا.

10 مارچ 2016ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت صبور کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ صبور جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي صبور سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي.

Skip to content