عبدالرحمان المغربي

ڏکڻ ۽ وچ ايشيا | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 7 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس محمد اباتي جنهن کي عبدالرحمان المغربي جي نالي سان وڌيڪ سڇاتو وڃي ٿو بابت معلومات جي فراهمي تي 7 ملين آمريڪي ڊالرن جي انعام جي آڇ ڪري ٿو. المغربي ايران ۾ ترسيل القاعده (اي ڪيو) جو مک اڳواڻ آهي. هي القاعده جي ميڊيا شاخ الصحاب جو ڊگهي عرصي کان ڊائريڪٽر ۽ القاعده اڳواڻ ايمن الظواهري جو ناٺي ۽ صلاحڪار آهي.

2011ع ۾ اڳوڻي القاعده اڳواڻ اسامه بن لادن جيڪو هاڻي جيئرو ناهي، خلاف فوجي آپريشن دوران هٿ آيل دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته المغربي ڪيترن ئي سالن کان القاعده ۾ اڀرندڙ ستارو رهيو آهي. المغربي 2012ع کان افغانستان ۽ پاڪستان ۾ القاعده جو جنرل مئنيجر رهيو آهي. دهشتگردي خلاف ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ عالمي دٻاء سبب هي ايران منتقل ٿي ويو، جتان هو سڄي دنيا ۾ القاعده جي سرگرمين جي نگراني ڪندو پيو اچي. القاعده جي ٻاهرين رابطن واري آفيس جي سربراهه طور القاعده سان لاڳاپيل ماڻهن جي سرگرمين کي منظم ڪري ٿو.

12 جنوري 2001ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت المغربي کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ المغربي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي المغربي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم القاعده کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content