ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن سان يمن ۾ موجود دهشتگرد تنظيم القاعده عربي ٻيٽ ۾ (اي ڪيو اي پي) جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.
عباس حمدان اي ڪيو اي پي جو سينيئر اڳواڻ ۽ گروپ جو مالياتي امير آهي.
هو اي ڪيو اي پي جو تجربيڪار سرگرم ڪارڪن آهي جنهن گروپ جي مالياتي سرگرمين ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن خلاف حملن جي منصوبابندي ۾ مدد ڪئي آهي.
