عامر ڪمال شريف الشوا

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن سان دهشتگرد تنظيم حماس جنهن کي حرڪت ال مقواما اسلاميه طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.

عامر ڪمال شريف الشوا ترڪي جي هڪ ڪمپني ٽرينڊ جي واءِ او جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهي جيڪا حماس سان لاڳاپيل ريئل اسٽيٽ فنڊ آهي. هن حماس جي سيڙپڪاري واري پورٽ فوليو جي ڪيترين ئي ڪمپنين ۾ بورڊ ميمبر طور ڪم ڪيو آهي.

2018ع تائين ٽرينڊ جي واءِ او جي جاري ٿيل سرمائي مان 75 سيڪڙو حماس جي عنصرن جو هو. ان کان علاوه حماس نجي طور تي ٽرينڊ جي واءِ او جي 15 ملين ڊالرن جا شيئرز سيڙپڪاري پورٽ فوليو ۾ سينيئر عهديدارن کي جاري ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو.

18 آڪٽوبر 2023ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي الشوا کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر (اِي او) 13224 جي تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو. اها نامزدگي انهن پرڏيهي فردن يا ادارن جي اثاثن کي بلاڪ ڪري ٿي جيڪي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا يا انهن مان ان جو خطرو موجو آهي. ان کان علاوه اهو آرڊر آمريڪي حڪومت کي اهڙن ماڻهن يا ادارن جا اثاثا بلاڪ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو جيڪي ان آرڊر تحت نامزد ٿيل دهشتگردن يا دهشتگرد تنظيمن کي حمايت، خدمتون يا مدد فراهم ڪن ٿا يا انهن تنظيمن، ان جي ماتحت ادارن، فرنٽ تنظيمن، ايجنٽن يا سندن ساٿارين سان لاڳاپيل آهن.

Skip to content