ريوارڊز فار جسٽس سامي العريدي جنهن کي ابو محمد الشامي طور به سڃاتو وڃي ٿو بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. العريدي ان کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف دهشتگردي جي سازشن ۾ ملوث هو. العريدي القاعده سان لاڳاپيل حراس الدين جو هڪ سينيئر شرعي عهديدار ۽ گروپ جي فيصلي ساز اداري شوريٰ جو ميمبر آهي. العريدي 2014ع کان 2016ع تائين النصره فرنٽ جو سينيئر شرعي عهديدار پڻ هو ۽ 2016ع ۾ گروپ کي ڇڏيو.
