ريووليوشنري پيپلز لبريشن پارٽي/فرنٽ (ڊي ايڇ ڪي پي/سي) 1978ع ۾ ترڪي ۾ قائم ڪئي ويو هو. ڊي ايڇ ڪي پي/سي مارڪسٽ- ليننسٽ نظرئي جي حمايت ڪري ٿو ۽ آمريڪا، نيٽو ۽ ترڪ اسٽيبلشمنٽ جي مخالفت ڪري ٿو. هن گروپ 1990ع جي ڏهاڪي کان آمريڪي مفادن کي نشانو بڻايو آهي جنهن ۾ آمريڪي فوجي سفارتي اهلڪار ۽ سهولتون، نيٽو اهلڪار ۽ سهولتون ۽ ترڪ هدف شامل آهن. فيبروري 2013ع ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي هڪ ڪارڪن انقره ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ آپگهاتي جيڪٽ وسيلي ڌماڪو ڪيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ترڪ گارڊ مارجي ويو ۽ ترڪ صحافي شديد زخمي ٿي پيو. مارچ 2013ع گروپ جي ٽن ميمبرن انصاف واري وزارت ۽ ترڪي جي جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ سياسي پارٽي جي انقره واري هيڊڪوارٽرز تي گرنيڊن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو.
8 آڪٽوبر 1997ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ڊي ايڇ ڪي پي/سي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. 31 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق ڊي ايڇ ڪي پي/سي کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو هو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڊي ايڇ ڪي پي/سي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ڊي ايڇ ڪي پي/سي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ڊي ايڇ ڪي پي/سي کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
