ريوليوشنري آرگنائزيشن 17 نومبر (17 اين)

يورپ ۽ يوريشيا

انعام

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوليوشنري آرگنائزيشن 17 نومبر (17 اين) 1975ع ۾ سخت گير کاٻي ڌر جي گروپ طور وجود ۾ آئي، جيڪا يونان مان آمريڪي فوجي اڏن کي ختم ڪرڻ، قبرص مان ترڪ فوج کي هٽائڻ ۽ يونان سان نيٽو ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 17 اين يونان ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن جي ذميوار هئي جن ۾ فائرنگ، راڪيٽ حملا ۽ ڪار بم ڌماڪا شامل آهن. هن گروپ جي دهشتگردي واري ڪارروائين جي نتيجي ۾ 4 آمريڪي شهري وليم نوردين، رونالڊ اسٽيورٽ، جارج سينٽس ۽ رچرڊ ويلش پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. 17 اين جي هڪ ڌڙي 12 جنوري 2007ع تي اٿينز ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيل راڪيٽ وسيلي ٿيندڙ گرنيڊ حملي جي ذميواري قبول ڪئي.

8 آڪٽوبر 1997ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت 17 اين کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. 3 سيپٽمبر 2015ع ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت 17 اين جي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزدگي واپس وٺي ڇڏي.

Skip to content