رادلان ساحرون

اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ

انعام

تي 1 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس رادلان ساحرون جنهن کي ڪمانڊر پيوٽول طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، بابت ڄاڻ جي فراهمي تي هڪ ملين ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 2005ع کان ساحرون آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور قرار ڏنل فلپائين جي ابو سياف گروپ (اي ايس جي) جو مجموعي طور تي اڳواڻ آهي.

ساحرون دهشتگردي جون ڪيتريون ئي ڪارروايون انجام ڏنيون آهن جن ۾ شهرين تي بم حملا ۽ آمريڪي ۽ ٻين پرڏيهي شهرين جي اغوا جون وارداتون شامل آهن.

ساحرون 2004ع ۾ جولو ٻيٽ تي بم حملن جو حڪم ڏنو، جن جي نتيجي ۾ 11 فلپائني شهري ۽ هڪ آمريڪي فوجي اهلڪار مارجي ويا ۽ ٻيا 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. بم حملن ۾ استعمال ٿيل ڌماڪيدار ڊيوائسز فلپائين جي جولو ٻيٽ تي موجود ڪئمپ ٽيوبگ توه- توه ۾ ساحرون جي هيڊ ڪوارٽرز تي تيار ڪيون ويون هيون. ساحرون مئي 2001ع تي دوس پالماس جي اغوا واري واقعي ۾ ڪردار ادا ڪيو، ان واردات ۾ فلپائين جي سياحتي علائقي پالاوان تان ٽن آمريڪي ۽ 17 فلپائني شهرين کي اغوا ڪيو ويو. انهن مان ڪيترن ئي يرغمالين کي قتل ڪيو ويو جن ۾ آمريڪي شهري گوئليرمو سوبيرو به شامل آهي. ساحرون کي اپريل 2000ع تي سپادان ملائيشيا جي ريزورٽ تي ٿيل اغوا جي واردات جو مک اڳواڻ سمجهيو وڃي ٿو. ساحرون ۽ اي ايس جي جي چئن ٻين ميمبرن 21 پرڏيهي سياحن ۽ ريزورٽ ملازمن کي اغوا ڪري ورتو جن ۾ اولهه جي ملڪن جا، ملائيشيا ۽ فلپائين جا شهري شامل آهن.

ساحرون اي ايس جي ۾ ڪيترن ئي سينيئر عهدن تي رهي چڪو آهي. 1999ع جي شروع ۾ هو اي ايس جي جي مجلس شوريٰ (مشاورتي ڪائونسل) جي 14 ميمبرن مان هڪ هو. 2002ع جي وچ ڌاري هو اي ايس جي اڳواڻ قذافي جنجلاني جو صلاحڪار رهيو. ان کان علاوه ساحرون ڏکڻ فلپائين جي سولو ٻيٽن تي اي ايس جي ويڙهاڪن مٿان ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو آهي. 2000ع کان 2003ع تائين ساحرون اي ايس جي جي اڳواڻي وارا مختلف ڪردار ادا ڪيا، جنهن ۾ اي ايس جي جي پيوٽول گروپ جي سربراهي به شامل آهي، هي گروپ ڏکڻ فلپائين جي سولو علائقي ۾ موجود جولو ٻيٽ تي ڪارروايون ڪندڙ اٽڪل 100 ميمبرن تي ٻڌل آهي، سولو علائقي ۾ ڪم ڪندڙ 18 هٿياربند گروپن تي ٻڌل اي ايس جي سربراهه طور، سولو ۾ اي ايس جي چيف آف اسٽاف طور ۽ جولو ٻيٽ تي اي ايس جي ڪمانڊر طور 1000 جي لڳ ڀڳ مڪمل طور تي هٿياربند سندس پوئلڳ آهن.

ساحرون ڏکڻ مندانائو يا پٽيڪول جولو، سولو، فلپائين ۾ لڪيل ٿي سگهي ٿو.

27 فيبروري 2007ع تي آمريڪا جي وفاقي عدالت ساحرون تي فرد جرم لاڳو ڪئي ۽ مٿس يرغمالي بڻائڻ جا الزام مڙهيا. ساڳئي تاريخ تي آمريڪي اختيارين سندس گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪيو. ساحرون ايف بي آءِ جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي.

30 نومبر 2005ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي ساحرون کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ساحرون جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ساحرون سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم اي ايس جي کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content