حسين هاتفي اردڪاني

اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 15 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 15 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن سان آمريڪا طرفان دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل پاسداران انقلاب اسلامي (آءِ آر جي سي) جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.

حسين هاتفي اردڪاني هڪ ايراني واپاري آهي جنهن جديد ترين ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۽ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي جنهن سان آءِ آر جي سي کي هٿيارن جي پيداوار ۽ وڪري ۾ مدد ملي آهي. 2014ع کان اردڪاني پنهنجي وچ واري ڪمپنين جي نيٽ ورڪ کي جن ۾ ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ موجود فرنٽ ڪمپنيون ۽ گڏيل عرب امارتن جو لاجسٽڪس جو ڪاروبار شامل آهي، اسلامي جمهوريه ايران (ايران)، ايران جي هٿيارن واري پروگرام لاءِ آمريڪي، ۽ پرڏيهي مواد، پرزا ۽ ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۽ منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. انهن هٿيارن ۾ شاهد- 136 ۽ شاهد- 131 نالي بنا ماڻهو جي اڏامندڙ هوائي گاڏيون (يو اي ويز يا ڊرونز) شامل آهن، جيڪي آءِ آر جي سي طرفان تيار ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيون ويون. انهن مان ڪجهه يو اي ويز روس جي هٿياربند فوجن کي وڪرو ڪيون ويون ته جيئن اهي يوڪرين ۾ پنهنجي غير قانوني فوجي آپريشن دوران استعمال ڪري سگهن. انهن هٿيارن جي وڪري سان آءِ آر جي سي کي سڌي ريت فائدو پهچي رهيو آهي.

اردڪاني نيٽ ورڪ طرفان خريد ڪيل آمريڪي پرزن جي سڃاڻپ يوڪرين توڙي ويڙهه وارن ٻين علائقن ۾ مليل شاهد ڊرونز جي ملبي مان ٿي آهي. ان کان علاوه اردڪاني نيٽ ورڪ غير قانوني طور تي هاءِ اليڪٽران موبلٽي ٽرانسسٽرز (جيڪي ايڇ اِي ايم ٽيز طور مشهور آهن) ۽ بيلسٽڪ ميزائلن ۾ استعمال ٿيندڙ پرزا ۽ هٿيارن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جا پرزا خريد ڪيا جن جي برآمد تي آمريڪا طرفان پابندي مڙهيل آهي.

ملائيشيا ۾ موجود فرنٽ ڪمپنيون اردڪاني جي نيٽ ورڪ جي مدد ڪري رهيون آهن جن ۾ ارتا ويو ايس ڊي اين بي ايڇ ڊي، انٽگريٽڊ سائنٽيفڪ مائيڪرو ويو ٽيڪنالاجيز ۽ ٽيڪنالاجي ميراڪ ايس ڊي اين بي ايڇ ڊي شامل آهن. انهن توڙي ٻين ڪمپنين جي هانگ ڪانگ ۾ اڻ رجسٽرڊ نمائندگي ۽ ساڳئي ايڊريسن سان گڏ ڪوالالمپور، ملائيشيا ۾ ڪارپوريٽ رجسٽريشن آهي. اهي ڪمپنيون اردڪاني لاءِ آمريڪي توڙي ٻيو پرڏيهي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ پراڪسي طور ڪم ڪن ٿيون، ٻي صورت ۾ اهو مواد ايران ۽ پاسداران انقلاب اسلامي تي آمريڪي پابندين سبب خريداري جي قانوني طريقن سان حاصل نٿو ڪري سگهجي.

گڏيل عرب امارتن ۾ موجود ڪاروبار، جن ۾ سمارٽ ميل سروسز، رنگ فيلڊ ايف زيڊ اِي ۽ ٻيون ڪمپنيون شامل آهن، جي هوشيار شپنگ سهولتڪار طور سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جيڪي آمريڪي پابندين ۽ برآمدي ڪنٽرول جي ضابطن کان بچڻ ۽ اردڪاني طرفان غير قانوني طور تي خريد ڪيل پرزن کي پاسداران انقلاب اسلامي (آءِ آر جي سي) کي منتقل ڪرڻ لاءِ غلط يا گمراهه ڪندڙ معلومات جمع ڪرائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون.

اردڪاني تهران ۾ موجود ڪاروبار ڪاوان اليڪٽرانڪس ڪو، لميٽيڊ، باسميد اليڪٽرانڪ پويا انجنيئرنگ ڪو، ۽ طيف تدبير آريا انجنيئرنگ ڪو پڻ هلائي ٿو.

19 ڊسمبر 2023ع تي آمريڪا جي انصاف واري کاتي اردڪاني خلاف هڪ فرد جرم کولي ڇڏي جنهن ۾ مٿس پاسداران انقلاب اسلامي (آءِ آر جي سي) لاءِ آمريڪا جا ٺهيل ٻٽي استعمال وارا مائيڪرو اليڪٽرانڪس جي خريداري جي ڏوهن جو الزام مڙهيا ويا. ان سان گڏوگڏ آمريڪا جي ناڻي واري وزارت اردڪاني ۽ 10 لاڳاپيل ادارن ايگزيڪيوٽو آرڊر ( اي. او) 13382 مطابق پنهنجي خاص طور تي نامزد شهرين جي لسٽ ۾ شامل ڪيو جيڪو وسيع پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن ۽ انهن جي فراهمي جي ذريعن کي نشانو بڻائي ٿو.. اهي پابنديون سمورن آمريڪي شهرين يا آمريڪا اندر اهڙي مالياتي ڏي وٺ (آمريڪا منتقل ٿيندڙ مالياتي ڏي وٺ سميت) تي بندش لڳائن ٿيون جن ۾ بلاڪ ٿيل ملڪيت يا نامزد ٿيل ماڻهن جون ملڪيتون يا انهن ۾ مفاد شامل هجن.

Skip to content