جاپاني ريڊ آرمي (جي آر اي) 1970ع ڌاري جاپاني ڪميونسٽ ليگ – ريڊ آرمي ڌڙي کان ڌار ٿيڻ بعد قائم ڪئي وئي هئي. جي آر اي جو اعلانيل مقصد جاپاني حڪومت ۽ بادشاهت جو تختو اونڌو ڪرڻ هو. جي آر اي سڄي دنيا ۾ ڪيترائي حملا ڪيا جن ۾ 1972ع ۾ اسرائيل ۾ لوڊ هوائي اڏي تي حملو جنهن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 80 زخمي ٿي پيا هئا، 1975ع ۾ ڪوالالمپور ۾ آمريڪي سفارتخاني جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 1988ع ۾ اٽلي جي شهر نيپلز ۾ يو ايس او ڪلب تي ٿيل بم حملو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا، شامل آهن. گروپ جو اڳواڻ 2000ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ گروپ 2001ع ۾ پاڻ کي ختم ڪرڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو.
8 آڪٽوبر 1997ع ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي آر اي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) نامزد ڪيو. 8 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي آر اي جي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزدگي کي واپس ورتو.
