ريوارڊز فار جستس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 15 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ايران جي اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور (آءِ آر جي سي) ۽ آءِ آر جي سي- قدس فورس سميت ان جي سمورين شاخن جي مالياتي نظام ۾ خلل يا رنڊڪ پوي. آءِ آر جي سي بين الاقوامي سطح تي ڪيترن ئي دهشتگرداڻي حملن ۽ سرگرمين لاءِ رقم فراهم ڪئي آهي. آءِ آر جي سي- قدس فورس حماس، حزب الله ۽ عراق ۾ ايران جي پٺڀرائي وارين مليشيائن جهڙين پراڪسي تنظيمن وسيلي ايران کان ٻاهر ايران جي دهشتگرداڻي ڪاررروائين جي قيادت ڪري ٿي.
آمريڪا جي پرڏيهي وزارت آءِ آر جي سي، آءِ آر جي سي- قدس فورس، ان جي شاخن يا ان کي مالياتي سهولتڪاري جي نظامن جي آمدني جي ذريعن بابت ڄاڻ جي فراهمي تي انعام جي آڇ ڪري ٿو، جن ۾ شامل آهن:
- آءِ آر جي سي جون غير قانوني مالياتي اسڪيمون جن ۾ پئسن لاءِ تيل شامل آهي،
- آءِ آر جي سي پاران بين الاقوامي سرگرمي ۾ مصروف فرنٽ ڪمپنيون،
- آمريڪي يا بين الاقوامي پابندين کان بچڻ ۾ آءِ آر جي سي کي مدد فراهم ڪندڙ ادارا يا ماڻهو،
- آمريڪي يا بين الاقوامي پابندين کان بچڻ ۾ آءِ آر جي سي کي مدد فراهم ڪندڙ ادارا يا ماڻهو،
- آءِ آر جي سي پنهنجي دهشتگرد ۽ مليشيا پراڪسيز کي ڪهڙي طرح فنڊ ۽ سامان منتقل ڪري ٿي،
- آءِ آر جي سي جا مک ڊونرز ۽ مالي مددگار،
- آءِ آر جي سي جي مالياتي ڏي وٺ ۾ سهولتڪاري ڪندڙ مالياتي ادارا ۽ ايڪسچينج هائوسز،
- آءِ آر جي سي يا ان جي فنانسرز جي ملڪيت يا ڪنٽرول وارا ڪاروبار يا سيڙپڪاري،
- آءِ آر جي سي پاران بين الاقوامي سطح تي ٻٽي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي خريداري ۾ شامل فرنٽ ڪمپنيون، ۽
- ڏوهاريون اسڪيمون جنهن ۾ آءِ آر جي سي جا ميمبر يا حامي شامل هجن، جن سان تنظيم کي مالي فائدو پهچي رهيو آهي.
ايراني انقلاب کانپوءِ 1979ع ۾ قائم ٿيل آءِ آر جي سي ايراني فوج جي هڪ شاخ آهي. آءِ آر جي سي پنهنجي قدس فورس وسيلي حڪومت جي عالمي دهشتگردي واري مهم جي هدايتن ۽ عملدرآمد ۾ ايران جي کيڏارين ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي.
آءِ آر جي سي دهشتگردي جي سازشن ۾ ملوث آهي ۽ سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿي. آءِ آر جي سي آمريڪين ۽ آمريڪي سهولتن کي نشانو بڻائيندڙ ڪيترن ئي حملن جي ذميوار آهي جن ۾ اهي حملا به شامل آهن جن ۾ آمريڪي شهري مارجي ويا آهن. آءِ آر جي سي افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪا ۽ اتحادي فوجين ۽ سفارتي مشنز تي حملن جي حمايت ڪئي آهي.
ان کان علاوه آءِ آر جي سي ڪيترن ئي آمريڪي شهرين کي يرغمال بڻايو آهي ۽ غير قانوني حراست ۾ رکيو آهي جيڪي اڄ تائين ايران جي قيد ۾ آهن.
آءِ آر جي سي- ڪيو ايف سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي اهم دهشتگرداڻي سرگرمين جي رٿابندي ڪئي آهي، انهن ملڪن ۾ بحرين، بوسنيا، بلغاريا، جرمني، ڪينيا، ترڪي ۽ آمريڪا شامل آهن.
15 اپريل 2019ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت آءِ آر جي سي کي ترميم ٿيل اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. 2017ع ۾ آمريڪا جي ناڻي کاتي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق آءِ آر جي سي کي آءِ آر جي سي- ڪيو ايف جي حمايت ۾ سرگرميون ڪرڻ تي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ آءِ آر جي سي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي آءِ آر جي سي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. آءِ آر جي سي کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
