ايجپشن اسلامڪ جهاد (اي آءِ جي) جنهن کي الجهاد جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ مصري انتهاپسند گروپ هو جيڪو 1970ع ۾ قائم ڪيو ويو. اي آءِ جي جو بنيادي مقصد مصر جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ تي اسلامي رياست قائم ڪرڻ هو. هن گروپ کي اعليٰ ترين مصري حڪومتي عهديدارن خلاف هٿياربند حملن جي خاص مهارت حاصل هئي. ايمن الظواهري جي اڳواڻي ۾ اي آءِ جي جون 2001ع ۾ القاعدہ ۾ ضم ٿي.
