المرابطون اصل ۾ القاعدہ ان اسلامڪ مغرب (اي ڪيو آءِ ايم) جو حصو آهي، 2012ع جي آخر ۾ سندس اڳواڻ مختار بيلمختار اي ڪيو آءِ ايم کان ڌار ٿيڻ بعد هڪ ڌار تنظيم بڻجي وئي. ڌار ٿيڻ بعد بلمختار اولهه جي مفادن خلاف ويڙهه جي ڌمڪي ڏني ۽ الملاثمون بٽالين قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 2013ع ۾ الملاثمون بٽالين ۽ مالي جي تنظيم ”موومنٽ فار يونٽي اينڊ جهاد ان ويسٽ آفريقا“ (ايم يو جي اي او) المرابطون نالي سان هڪ ئي نتظيم ۾ انضمام ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 2015ع ۾ المرابطون اي ڪيو آءِ ايم سان وري انضمام جو اعلان ڪيو. المرابطون ٽن ٻين علائقائي دهشتگرد گروپن سان گڏ انضمام ڪري جماعت نصر الاسلام والمسلمين (جي اين آءِ ايم) قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
جنوري 2013ع جيڪا هاڻي المرابطون جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ڏکڻ اوڀر الجزائر ۾ امناس ڀرسان ٽگونٽورين گيس سهولت تي حملي جي ذميواري جي دعويٰ ڪئي. چئن ڏينهن جي ڪارروائي دوران 800 ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو. آمريڪي شهرين سميت 39 شهري حملي ۾ مارجي ويا. نومبر 2015ع ۾ المرابطون جي ماڻهن باماڪو ۾ ريڊيسن بلو هوٽل تي حملو ڪيو ۽ آمريڪي شهرين سميت 170 ماڻهن کي يرغمال بڻائي ورتو. ان حملي ۾ 27 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا جن ۾ هڪ آمريڪي امدادي ڪارڪن پڻ شامل آهي. چيو پيو وڃي ته المرابطون 2016ع تي برڪينا فاسو ۾ سياحن ۾ مقبول هوٽل تي اي ڪيو آءِ ايم جي حملي ۾ شامل هئي جنهن ۾ هڪ آمريڪي شهري سميت 30 ڄڻا مارجي ويا هئا.
19 ڊسمبر 2013ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت المرابطون کي، الملاثمون بٽالين اصل نالي تحت ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 18 ڊسمبر 2013ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت الملاثمون بٽالين کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي عالمي دهشتگرد نامزد ڪيو. االمرابطون گروپ جو مک نالو برقرار رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ گروپ جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي المرابطون/الملاثمون بٽالين سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. المرابطون / الملاثمون بٽالين کي ڄاڻي واڻي مواد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
