آءِ ايس آءِ ايس ويسٽ آفريقا (آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي) دهشتگرد گروپ بوڪو حرام جو هڪ ڌڙو آهي، جيڪو مارچ 2015ع ۾ ان وقت وجود ۾ آيو جڏهن ان آءِ ايس آءِ ايس يا داعش جي بيعت ڪئي. آءِ ايس آءِ ايس سندس بيعت کي قبول ڪيو جنهن کانپوءِ گروپ پاڻ کي آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي سڏائڻ شروع ڪيو. بنيادي طور تي اتر اوڀر نائيجيريا ۽ چاڊ جي ڍنڍ واري علائقي ۾ سرگرم آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي 2016ع کان دهشتگردي جا ڪيترائي حملا ڪيا آهن. نومبر 2018ع ۾ آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي چاڊ ۽ نائيجيريا ۾ 5 حملن جي ذميواري قبول ڪئي جن جي نتيجي ۾ 118 ڄڻا مارجي ويا. مئي 2019ع تي آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي اولهه نائيجر ۾ ٻن حملن جي ذميواري قبول ڪئي، انهن حملن جي نتيجي ۾ 29 سپاهي مارجي ويا. جولاءِ 2019ع ۾ آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي نائيجيريا جي علائقي باگا ۾ هڪ فوجي اڏي تي حملي ۾ نائيجيريا جي 20 ۽ چاڊ جي 5 سپاهين کي ماري ڇڏيو.
28 فيبروري 2018ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 27 فيبروري 2018ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو هو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. آءِ ايس آءِ ايس- ڊبليو اي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
