آءِ ايس آءِ ايس خراسان (آءِ ايس آءِ ايس- ڪي) افغانستان ۾ موجود هڪ دهشتگرد گروپ آهي جيڪو افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪري ٿو. بنيادي طور تي تحريڪ طالبان پاڪستان، افغان طالبان ۽ اسلامڪ موومنٽ آف افغانستان جي اڳوڻن ميمبرن تي ٻڌل آءِ ايس آءِ ايس- ڪي 2015ع ۾ داعش (آءِ ايس آءِ ايس) سان بيعت ڪئي. آءِ ايس آءِ ايس- ڪي جولاءِ 2016ع ۾ ڪابل ۾ پرامن احتجاج تي ٿيل بم حملي جو ذميوار آهي جنهن جي نتيجي ۾ 80 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 230 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. آگسٽ 2016ع تي پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ ٿيل فائرنگ ۽ آپگهاتي بم حملي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن ۾ 94 ماڻهو مارجي ويا هئا. آءِ ايس آءِ ايس- ڪي مئي 2020ع ۾ ڪابل جي ميٽرنٽي اسپتال تي ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن ۾ 24 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ نوان ڄاول ٻارڙا ۽ سندن مائرون به شامل آهن.
14 جنوري 2016ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت آءِ ايس آءِ ايس- ڪي کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 29 سيپٽمبر 2015ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق آءِ ايس آءِ ايس- ڪي کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو هو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ آءِ ايس آءِ ايس- ڪي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي آءِ ايس آءِ ايس- ڪي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. آءِ ايس آءِ ايس- ڪي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
