ريوارڊز فار جسٽس ابراهيم احمد محمود القوسي بابت معلومات جي فراهمي تي 4 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، ابراهيم احمد محمود القوسي کي شيخ خبيب السوڊاني ۽ محمد صلاح احمد طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. القوسي آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد طور نامزد القاعده ان دي عربين پيننسيولا (اي ڪيو اي پي) جو هڪ سينيئر اڳواڻ آهي.
القوسي 2014ع ۾ اي ڪيو اي پي ۾ شامل ٿيو پر هو القاعده (اي ڪيو) ۾ وڏي عرصي کان سرگرم رهيو آهي ۽ القاعده جي فوتي اڳواڻ اسامه بن لادن لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سڌي ريت ڪم ڪيو آهي. القوسي گوانٽانامو بي منتقلي کان اڳ ڊسمبر 2001ع ۾ پاڪستان ۾ گرفتار ٿيو. کيس 2010ع ۾ فوجي ڪميشن طرفان القاعده سان گڏ سازش ڪرڻ ۽ دهشتگردي لاءِ مادي مدد جي فراهمي تي ڏوهي قرار ڏنو ويو. آمريڪا 2012ع ۾ ڪيس کان اڳ واري معاهدي تحت القوسي کي آزاد ڪيو ۽ واپس سوڊان اماڻي ڇڏيو.
2015ع کان القوسي اي ڪيو اي پي جي ڀرتي واري مواد ۾ ظاهر ٿيو ۽ آن لائين پروپيگنڊا وسيلي آمريڪا خلاف اڪيلن حملن کي همٿايو. هن قيادت واري ٽيم جي حصو طور ڪم ڪيو جنهن اي ڪيو اي پي جي فوتي امير قاسم الريمي جي مدد ڪئي.
