ريوارڊز فار جسٽس 2003ع تي غزه ڀٽي جي علائقي بيت الحنون ۾ آمريڪي سفارتي قافلي تي بم حملي بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 15 آڪٽوبر 2003ع تي 4 آمريڪي سيڪيورٽي اهلڪارن کي کڻي ويندڙ گاڏي تي ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي وسيلي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ چوٿون زخمي ٿي پيو. حملي جو شڪار ماڻهو وچ اوڀر بابت آمريڪي سفير جي آفيس جي نمائندن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا هئا جيڪي فل برائيٽ اسڪالرشپ لاءِ درخواستون ڏيندڙ فلسطيني شاگردن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ غزه وڃي رهيا هئا.
