اي ڪيو اي پي جو مالياتي نيٽ ورڪ

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن سان يمن ۾ موجود دهشتگرد تنظيم القاعده عربي ٻيٽ ۾ (اي ڪيو اي پي) جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.

يمن ۾ موجود اي ڪيو اي پي مختلف قسمن جي مالياتي سرگرمين وسيلي فنڊز گڏ ڪري ٿي جن ۾ ڀتي خوري، تيل جي اسمگلنگ ۽ وڪرو، انساني اسمگلنگ، ڀُنگ لاءِ اغوا، جعلي خيراتي ادارا ۽ سرندي وارن کان عطيا شامل آهن. اي ڪيو اي پي اڳواڻ انهن فنڊن کي هٿيارن جي خريداري، سکيا ۽ دهشتگردي وارين ڪارروائين ۽ يمن جي ڪجهه حصن جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي.

آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اهڙي معلومات جي فراهمي تي انعام جي آڇ ڪري ٿي جنهن سان اي ڪيو اي پي جي ريونيو ذريعن ۽ اهم مالياتي سهولتڪاري واري نظامن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ۽ انهن ۾ خلل پئجي سگهي، جنهن ۾ شامل آهي:

  • اي ڪيو اي پي طرفان عالمي سرگرمي ۾ ملوث فرنٽ ڪمپنيون،
  • آمريڪي ۽ عالمي پابندين کان بچڻ ۾ اي ڪيو اي پي جي مدد ڪندڙ ادارا ۽ فرد،
  • اي ڪيو اي پي سان ڪاروبار ڪندڙ رسمي مالياتي ادارا،
  • اي ڪيو اي پي فنڊز ۽ مٽيريل منتقل ڪري ٿو،
  • اي ڪيو اي پي کي عطيو ڏيندڙ ۽ مالياتي سهولتڪار،
  • اي ڪيو اي پي جي مالياتي رقمن جي منتقلي ۾ سهولتڪاري ڪندڙ مالياتي ادارا ۽ ايڪسچينج هائوسز،
  • اي ڪيو اي پي يا سندس فنانسرز جي ملڪيت وارا ڪاروبار يا سيڙپڪاري،
  • ي ڪيو اي پي طرفان يا ي ڪيو اي پي جي فائدي لاءِ شروع ڪيل فنڊ گڏ ڪرڻ جون آن لائن مهمون،
  • اي ڪيو اي پي طرفان فنڊن جي منتقلي ۽ ڪاروبار هلائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ مالياتي اڪائونٽ نمبرز ۽ ورچوئل ڪرنسي والٽ ايڊريسون، ۽
  • تنظيم کي مالي فائدو پهچائيندڙ اهڙا مجرماڻا منصوبا، جن ۾ اي ڪيو اي پي جا ميمبر يا حامي ملوث هجن.

اي ڪيو اي پي جنوري 2009ع ۾ يمن ۽ سعودي عرب جي دهشتگردن جي اتحاد کانپوءِ اڀريو. اي ڪيو اي پي جي اعلانيل هدفن ۾ عربي ٻيٽ ۽ وسيع تر وچ اوڀر ۾ خلافت قائم ڪرڻ ۽ شرعي قانون لاڳو ڪرڻ شامل آهي. اي ڪيو اي پي عربي ٻيٽ توڙي ان کان ٻاهر مقامي، آمريڪي ۽ اولهه جي مفادن کي نشانو بڻايو آهي. گروپ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين جي ذميواري قبول ڪئي آهي جنهن ۾ پيرس ۾ طنزيه اخبار چارلي هيبڊو جي آفيسن تي حملو به شامل آهي جنهن ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا هئا.

اي ڪيو اي پي مک دهشتگرد تنظيم القاعده (اي ڪيو) سان لاڳاپيل آهي ۽ اها اولهه جي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ۽ ٻين لاڳاپيل تنظيمن سان سهڪار وڌائڻ لاءِ اي ڪيو جي عالمي قيادت سان سان گڏجي ڪم ڪري ٿي. اي ڪيو اي پي جو گهڻي اهميت اي ڪيو جي وسيع نيٽ ورڪ جي وچ ۾ مالياتي ۽ سهولتڪاري لنڪ طور سندس ڪردار آهي.

اي ڪيو اي پي 25 ڊسمبر 2009ع تي دهشتگرد عمر فاروق عبدالمطلب کي پارايل بم وسيلي هڪ جهاز کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن گروپ ڪمپيوٽر پرنٽرز ۾ ڌماڪيدار مادو لڪايو جيڪو 2010ع جي آخر ڌاري ٻن مالبردار جهازن وسيلي آمريڪا منتقل ڪيو پئي ويو، اهي بم 29 آڪٽوبر 2010ع تي ٻن هنڌن تي ترسڻ دوران هٿ ڪري محفوظ بڻايا ويا.

19 جنوري 2010ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ڪيو اي پي کي اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو، جيئن ترميم ڪئي وئي آهي، ۽ ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق خاص طور تي عالمي دهشتگرد نامزد ڪيو ويو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ اي ڪيو اي پي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي اي ڪيو اي پي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ڄاڻي واڻي اي ڪيو اي پي کي مادي مدد يا وسيلا فراهم ڪرڻ، يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ ڏوهه آهي.

Skip to content