ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن سان يمن ۾ موجود دهشتگرد تنظيم القاعده عربي ٻيٽ ۾ (اي ڪيو اي پي) جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.
سبيت بن حارث اي ڪيو اي پي جو سينيئر اڳواڻ ۽ گروپ جي شوريٰ ڪائونسل جو ميمبر آهي.
بن حارث، جنهن کي ابو غزوان الحضرامي طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، گروپ جا مالي معاملا ۽ يمن ۾ داخل ٿيندڙ پرڏيهي ويڙهاڪن جي سفر جوبندوبست ڪيو آهي.
