ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن سان دهشتگرد تنظيم حماس جنهن کي حرڪت ال مقواما اسلاميه طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.
عبدالباسط حمزه الحسن محمد خير سوڊان ۾ موجود حماس جو فنانسر آهي جنهن حماس جي سيڙپڪاري پورٽ فوليو ۾ ڪيترين ئي ڪمپنين جو بندوبست ڪيو آهي. هن جا القاعده ۽ سوڊان ۾ موجود اسامه بن لادن جي ڪيترين ئي ڪمپنين سان پراڻا مالياتي لاڳاپا آهن.
ان کان اڳ هو حماس کي 20 ملين ڊالر منتقل ڪرڻ ۾ ملوث هو، جنهن ۾ اهي فنڊز به شامل آهن جيڪي حماس جي سينيئر مالياتي آفيسر ماهر جواد يونس صلاح کي اماڻيا ويا جيڪو آمريڪا طرفان خاص طور تي عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ٿيل آهي.
حماس لاءِ حمزه جي مني لانڊرنگ ۽ ريونيو پيدا ڪندڙ نيٽ ورڪ ۾ سوڊان ۾ موجود ال روواد ريئل اسٽيٽ ڊيولپمنٽ، زاوايا گروپ فار ڊيولپمنٽ اينڊ انويسٽمنٽ ڪو لميٽيڊ، ۽ ليري ڪام انويسٽمينٽ ڪمپني ۽ اسپين ۾ موجود زاوايا گروپ فار ڊيولپمنٽ انويسٽمنٽ سوسائيداد لميتدد شامل آهن. آمريڪا جي ناڻي واري وزارت انهن سڀني چئني ادارن کي ايس ڊي جي ٽي تحت نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
18 آڪٽوبر 2023ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي حمزه کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر (اِي او) 13224 جي تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو. اها نامزدگي انهن پرڏيهي فردن يا ادارن جي اثاثن کي بلاڪ ڪري ٿي جيڪي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا يا انهن مان ان جو خطرو موجو آهي. ان کان علاوه اهو آرڊر آمريڪي حڪومت کي اهڙن ماڻهن يا ادارن جا اثاثا بلاڪ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو جيڪي ان آرڊر تحت نامزد ٿيل دهشتگردن يا دهشتگرد تنظيمن کي حمايت، خدمتون يا مدد فراهم ڪن ٿا يا انهن تنظيمن، ان جي ماتحت ادارن، فرنٽ تنظيمن، ايجنٽن يا سندن ساٿارين سان لاڳاپيل آهن.
