احمد سعدو جهلب

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس اهڙي معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن سان دهشتگرد تنظيم حماس جنهن کي حرڪت ال مقواما اسلاميه طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي.

احمد سعدو جهلب حماس جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ ترڪي ۾ حماس جي سيڙپڪاري نيٽ ورڪ جو حصو آهي. جهلب حماس جي سيڙپڪاري پورٽ فوليو لاءِ سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ حماس جي ڪنٽرول وارين ڪمپنين ۽ حماس جي عهديدارن جي سرگرمين جو بندوبست ڪري ٿو.

18 آڪٽوبر 2023ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي جهلب کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر (اِي او) 13224 جي تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد (ايس ڊي جي ٽي) طور نامزد ڪيو. اها نامزدگي انهن پرڏيهي فردن يا ادارن جي اثاثن کي بلاڪ ڪري ٿي جيڪي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا يا انهن مان ان جو خطرو موجو آهي. ان کان علاوه اهو آرڊر آمريڪي حڪومت کي اهڙن ماڻهن يا ادارن جا اثاثا بلاڪ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو جيڪي ان آرڊر تحت نامزد ٿيل دهشتگردن يا دهشتگرد تنظيمن کي حمايت، خدمتون يا مدد فراهم ڪن ٿا يا انهن تنظيمن، ان جي ماتحت ادارن، فرنٽ تنظيمن، ايجنٽن يا سندن ساٿارين سان لاڳاپيل آهن.

Skip to content