ريوارڊز فار جسٽس حزب الله جي مک اڳواڻ ابراهيم عقيل بابت معلومات جي فراهمي تي 7 ملين ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو.
ابراهيم عقيل، جنهن کي تحسين جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، حزب الله جي سڀ کان اعليٰ فوجي اداري جهاد ڪائونسل لاءِ ڪم ڪري ٿو.
1980ع جي ڏهاڪي دوران عقيل حزب الله جي دهشتگرد سيل- اسلامي جهاد تنظيم جو اهم ميمبر هو، جنهن اپريل 1983ع ۾ بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيل بم حملن جنهن ۾ 63 ڄڻا مارجي ويا هئا، ۽ آڪٽوبر 1983ع ۾ آمريڪي ميرين بئرڪن تي ٿيل بم حملن جنهن ۾ 241 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا، جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ عقيل لبنان ۾ آمريڪي ۽ جرمن شهرين کي يرغمال بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ کين اتي يرغمال بڻايو ويو.
21 جولاءِ 2015ع تي آمريڪي ناڻي واري وزارت عقيل کي حزب الله لاءِ يا ان طرفان ڪم ڪرڻ تي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13582 مطابق نامزد ڪيو. ان کانپوءِ 10 سيپٽمبر 2019ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت عقيل کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو.
