زيرين ساري

يورپ ۽ يوريشيا

انعام

تي 3 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس زيرين ساري بابت معلومات جي فراهمي لاءِ 3 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، زيرين ساري کي فاطمه گلتين ۽ هالي ميليس جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو. زيرين ساري آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ريووليوشنري پيپلز لبريشن پارٽي/فرنٽ (ڊي ايڇ ڪي پي/سي) جي اهم اڳواڻ آهي، جنهن 1990ع جي ڏهاڪي کان ترڪي ۾ ترڪ حڪومت جي سهولتن ۽ اهلڪارن ۽ آمريڪي فوجي ۽ سفارتي سهولتن تي حملا ڪيا آهن. ڊي ايڇ ڪي پي/سي جو مقصد ترڪي مان آمريڪا ۽ نيٽو کي ڪڍڻ ۽ هڪ سوشلسٽ رياست قائم ڪرڻ آهي.

ساري کي سندس سرگرمين سبب جيل اماڻيو ويو، کيس 2008ع ۾ مڙس دورسن ڪاراتاز جي وفات کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، سندس مڙس ڊي ايڇ ڪي پي/سي جو باني ميمبر هو. اهو سمجهيو پيو وڃي ته مارڇ 2013ع تي انقره ۾ جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي (اي ڪي پي) جي هيڊڪوارٽرز ۽ ترڪي جي انصاف واري وزارت ۽ انقره ۾ ئي 20 سيپٽمبر 2013ع تي ترڪ پوليس هيڊڪوارٽرز ۽ پوليس هائوسنگ ڪمپليڪس تي حملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي (اي ڪي پي) جي هيڊڪوارٽرز ۽ ترڪي جي انصاف واري وزارت تي حملن ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو هو.

Skip to content