ريوارڊز فار جسٽس آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد ٿيل الشباب جي علائقائي اڳواڻ ياسين ڪلوي بابت معلومات جي فراهمي تي 3 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. ڪلوي جنهن کي ياسين عثمان ڪلوي ۽ ياسين خالد عثمان جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو اتر صوماليا ۾ پنٽلينڊ جو امير آهي ۽ مٿس پنتلينڊ جي اختيارين تي حملن جي منصوبابندي جو الزام آهي.
الشباب ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ڪلوي اتر صوماليا جي گالگالا جابلو علائقي ۾ هڪ مقامي مليشيا جو اڳواڻ هو. مليشيا مبينه طور تي جابلو ٽڪرين ۾ هڪ علائقي تي قبضو ڪري مقامي فوجي اڏي تي خطرناڪ حملا شروع ڪيا.
2012ع ۾ ڪلوي جي مليشيا باضابطا طور تي الشباب ۾ شامل ٿي وئي جنهن ساڳئي مهيني القاعده (اي ڪيو) سان وفاداري جو وچن ڪيو. ان انضمام ۽ القاعده وسيلي توسيع سان الشباب کي هڪ سگهاري ويڙهاڪ طاقت تائين رسائي ملي وئي.
