ريوارڊز فار جسٽس ڍاڪا بنگلاديش ۾ اويجيت راءِ جي قتل ۽ هڪ ئي وقت رافيده بونيا احمد تي حملي بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو.
26 فيبروري 2015ع تي بنگلاديش ڄاوا آمريڪي شهري ۽ پرڻيل جوڙو اويجيت راءِ ۽ رافيده بونيا احمد ڍاڪا ۾ هڪ ڪتابي ميلي ۾ شرڪت ڪري رهيا هئا جتي انهن تي اڻڄاتل حملو ڪندڙن خنجرن سان حملو ڪري ڏنو. جنهن ۾ راءِ مارجي ويو جڏهن ته رافيده احمد کي شديد زخم رسيا، جنهن ۾ سندس آڱوٺو شديد زخمي ٿيو ۽ مٿي تي پڻ ڪيترائي زخم رسيا.
هڪ ليکڪ، بلاگر ۽ ايڪٽوسٽ طور راءِ بنگلاديش ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي حمايت ڪري بنياد پرستي کي چئلينج ڪيو. هن بنگلاديش ۾ قيد ملحد بلاگرز جي حالت زار بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي احتجاجي مظاهرن کي منظم ڪيو ۽ سماجي ڏاڍ خلاف آواز اٿاريندڙ مشهور نقاد هو. کيس پنهنجي واضح عقيدن ۽ فعال هجڻ سبب نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو.
انصارالله بنگلا ٽيم (اي بي ٽي) نالي هڪ بنگلاديشي دهشتگرد گروپ حملي جي ذميواري قبول ڪئي. اي بي ٽي نوجوانن کي بنيادپرست بڻائي رهيو آهي ته جيئن انهن ماڻهن کي قتل ڪري سگهجي جن کي اهي اسلام مخالف سمجهن ٿا. ان کان ترت پوءِ القاعده ان انڊين سبڪانٽينينٽ (اي ڪيو آءِ ايس) جي اڳواڻ عاصم عمر جيڪو هاڻي فوت ٿي چڪو آهي، وڏي پيماني تي هلندڙ هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اي ڪيو آءِ ايس جي پوئلڳن جن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، اويجيت راءِ ۽ رافيده بونيا احمد تي حملي جا ذميوار هئا.
پهرين جولاءِ 2016ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ڪيو آءِ ايس کي ترميم ٿيل اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪٽن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 30 جون 2016ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق اي ڪيو آءِ ايس کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طورآمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ اي ڪيو آءِ ايس جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي اي ڪيو آءِ ايس سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. اي ڪيو آءِ ايس کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
حملي جي ذميوارن بابت سمجهيو پيو وڃي ته اهي بنگلاديش ۾ موجود آهن.
