سيف العدل

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس سيف العدل بابت معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. العدل ايران ۾ موجود القاعده (اي ڪيو) جو سينيئر اڳواڻ ۽ القاعده جي سينيئر قيادت تي ٻڌل ڪائونسل مجلس شوريٰ جو ميمبر آهي. العدل اي ڪيو جي فوجي ڪميٽي جي سربراهي پڻ ڪري ٿو.

العدل تي نومبر 1998ع ۾ آمريڪا جي وفاقي گرينڊ جيوري فرد جرم لاڳو ڪري 7 اگسٽ 1998ع تي تنزانيا جي شهر دارالسلام ۽ ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ آمريڪي سفارتخانن تي ٿيل بم حملن جا الزام مڙهيا. انهن حملن جي نتيجي ۾ 224 شهري مارجي ويا هئا ۽ 5000 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

1998ع ۾ آمريڪي سفارتخانن تي بم حملن کانپوءِ العدل ڏکڻ اوڀر ايران منتقل ٿي ويو ۽ ايران جي اسلامڪ ريووليوشنري گارڊ ڪور/ پاسداران انقلاب اسلامي جي تحفظ هيٺ رهيو. اپريل 2003ع ۾ ايراني اختيارين هن کي ۽ اي ڪيو جي ٻين اڳواڻن کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو.

سيپٽمبر 2015ع ۾ العدل ۽ اي ڪيو جا ٻيا 4 سينيئر اڳواڻ القاعده طرفان يمن ۾ اغوا ڪيل ايراني سفارتڪار جي آزادي عيوض ايراني حراست مان آزاد ٿيا.

العدل القاعده ان عراق جي باني ابو مصاب الزرقاوي جو ساٿي هو، القاعده ان عراق بعد ۾ اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ سيريا (آءِ ايس آءِ ايس) بڻجي وئي.

1990ع جي شروع ۾ العدل ۽ اي ڪيو جي ٻين ڪارندن اي ڪيو ۽ ان جي لاڳاپيل گروپن جن ۾ مصر جو اسلامي جهاد به شامل آهي جي ميمبرن کي افغانستان، پاڪستان، ۽ سوڊان سميت مختلف ملڪن ۾ فوجي ۽ انٽيليجنس جي سکيا ڏني.

1992ع ۽ 1993ع ۾ هن القاعده جي ماڻهن ۽ صومالي قبائلين کي فوجي سکيا ڏني جن آپريشن ريسٽور هوپ دوران موغاديشو ۾ آمريڪي فورسز خلاف ويڙهه ڪئي.

مصر جي اسپيشل فورسز ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل طور 1980ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري هو مصر جي حڪومت کي هٽائڻ واري ڪوششن ۾ ملوث ٿي ويو. 1987ع ۾ مصر جي گهرو وزير جي قتل جي ڪوشش کانپوءِ هو حڪومت مخالف ٻين هزارين ويڙهاڪن سان گڏ گرفتار ٿي ويو. اختيارين العدل کي آزاد ڪري سندس عهدو گهٽائي ڇڏيو، جيڪو 1989ع ۾ افغانستان هليو ويو جتي هو نئين قائم ٿيل القاعده جو ٽرينر بڻجي ويو.

23 سيپٽمبر 2001ع تي العدل کي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور پابندين هيٺ اچي ويو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ العدل جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي العدل سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ٿيل القاعده کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي. العدل جو نالو ايف بي آءِ جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي.

Skip to content